تنقيد نگاري ارتقائي جائزو

تنقيد نگاري-ارتقائي جائزو (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ادبي تنقيد جي تعارف ۽ تاريخ جي موضوع تي لکيل بهترين ڪتابن مان هڪ آهي، جيڪو نامياري ليکڪ ۽ محقق بدر ابڙي جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب 1985ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، ڪراچيءَ طرفان شايع ڪيو ويو، جنهن جو مهاڳ نامور ڏاهي محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. هن ڪتاب کي سنڌي ادبي سنگت (مرڪز) طرفان اوارڊ به ڏنو ويو. هيءُ ڪتاب ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ادب جي شاگردن کي پڙهڻ لاءِ سفارش ڪيل ڪتابن ۾ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو